فوت ٿيل پيرسن عورت جا سونا زيور چورائڻ وارو مامرو: سول اسپتال جا 2 ملازم چوري ۾ ملوث نڪتا

news-details

جيڪب آباد: (خميس: 24 آگسٽ 2023ع) سول اسپتال عملي پاران ٻه هفتا اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل پيرسن عورت کي پهريل سونا زيور چورائڻ واري مامري ۾ سول اسپتال جا 2 ملازم چوري ۾ ملوث نڪتا. ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ اسپتال جي 2 ملازمن جو چوري ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو.


جيڪب آباد سول اسپتال جي ٻن ملازمن پرويز سومرو ۽ محمد علي پيرسن عورت جا پهريل سونا زيور چورايا اسسٽنٽ ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ جي نگراني هيٺ ٻه رڪني جاچ ڪميٽي ملازمن کي ذميوار قرار ڏنو.


جاچ ڪميٽي پاران ٻنهي ملازمن کي چورايل سونن زيورن سميت فوتي عورتن جي وارثن ڏانهن ميڙ کڻي لنگهي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.


ان حوالي سان فوت ٿيل عورت جي پٽ عابد سپر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جاچ  ڪميٽي بيان ورتا آهن جن ۾ ٻئي ملازم منهنجي امڙ جي مڙهه مان سونا زيور لاهڻ ۾ ملوث نڪتا آهن هن چيو ته  9 آگسٽ تي باءِ پاس نادرا آفيس سامهون امڙ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي هئي جنهن جو مڙهه اسپتال آندو ويو ته 4 واليون، هڪ ڪنگڻ ۽ هڪ ڦلي چورائي وئي.