جيڪب آباد ۾ بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

news-details

جيڪب آباد: (جمعو: 25 جولاءِ 2023ع) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ڀرسان راند ڪندي 7 ورهين جي نينگر نجيب الله پٽ امداد مستوئي کي بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳو، جنهن کي بيهوشي حالت ۾ جمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ته اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نجيب الله راند لاءِ گهران نڪتو، راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو بجلي جي هيٺ ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي ٿي فوت ٿي ويو.
هوڏانهن نينگر پيءُ ۽ ڀائر لاش کي چنبڙي دانهون ڪندا روئندا رهيا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.