جيڪب آباد ۾ مير منظور پنهور جي چاليهي واري تقريب، سنڌ بلوچستان جي سردارن پيرن ۽ ميرن جي شرڪت

news-details

جيڪب آباد:  (آچر: 27 آگسٽ 2023ع)  جيڪب آباد ۾ مير منظور پنهور جو چاليهو ۽ پڳ ٻڌڻ واري رسم جي تقريب جو  اهتمام ڪيو ويو.


ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ مير منظور پنهور جي چاليهي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مير منظور پنهور جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر خيرات في سبيل لله جو پڻ بندوبست ڪيو ويو


پڳ ٻڌرائڻ رسم جي تقريب ۾ سنڌ بلوچستان جي سردارن پيرن ۽ ميرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  پڳ ٻڌرائڻ جي تقريب ۾ مهمانن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ پنهور برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا آهن.


تقريب ۾ سردار علي گوهر مهر، امير بخش ڀٽو، سيد مراد علي شاهه، ناصر شاهه، ڄام خان تماچي ڄام خان شورو، سردار عبدالرزاق کوسو، سردار ذوالفقار سرڪي، مير ممتاز جکراڻي، سردار شھريار شر، سردار عبدالنبي ٿهيم مير گل محمد جکراڻي سميت ڪيترائي سردار پهچي ويا آهن.


مير منظور پنهور جي لاڏاڻي تي چاليهي جي موقعي تي سندس وڏي فرزند مير چنگيز خان پنهور کي پنهور برادري جي سرداري جي پڳ ٻڌرائي ويندي.