لاهور: (اڱارو: 19 سيپٽمبر 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪز صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مهانگائي جا ذميوار نوازشريف ۽ شهباز شريف آهن.
تفصيل موجب پرويز الاهي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پريس ڪانفرنس اڃان ناهي ڪرڻي. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جا ذميوار نوازشريف ۽ شهباز شريف آهن. نوازشريف ۽ شهباز شريف آءِ ايم ايف کان غلط شرطن تي قرض ورتا. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وڌيڪ بيروزگاري وڌي وئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز الاهي الزام لڳائيندي چيو ته نگران حڪومت جي پٺيان نوازشريف ۽ شهباز شريف جو فارمولو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت واري دور ۾ پيٽرول جي ايتري وڌيڪ قيمت نه هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين آءِ ايم ايف سان اهڙو ڪوبه معاهدو نه ڪيو هو.