اسلام آباد: (ڇنڇر: 23 سيپٽمبر 2023ع) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ سبب 6 مهينن لاءِ بجلي مهانگي ٿيڻ جي فيصلي کانپوءِ ماهوار 101 کان 200 يونٽن جي استعمال تي نان پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ في يونٽ 35 رپيا 92 پئسا جو ٿي ويندو.
ذريعن موجب آڪٽوبر کان مارچ 2024ع تائين في يونٽ 2 رپيا 40 پئسا واڌو بار ايندو، سيپٽمبر کانپوءِ 3 مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي اڳ کان لڳل 1 رپيو 24 پئسا في يونٽ واڌ ختم ٿي ويندي ۽ پراڻي ايڊجسٽمينٽ ختم ٿيڻ سان نئين ايڊجسٽمينٽ 3 رپيا 28 پئسا بدران 2 رپيا 40 پئسا في يونٽ رهجي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ صارفين تي هوندي، ماهوار 100 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ في يونٽ 17 رپيا 17 پئسا ٿي ويندو، ماهوار 101 کان 200 يونٽ واري پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ بجلي في يونٽ 19 رپيا 86 پئسا ٿي ويندي.
ذريعن موجب نان پروٽيڪٽڊ گهريلو صارفين لاءِ في يونٽ 28 رپيا 16 پئسا جو ٿي ويندو ۽ ماهوار 101 کان 200 يونٽ استعمال تي نان پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ في يونٽ 35 رپيا 92 پئسا جو ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ 3 مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي صارفين تي لاڳو هوندي ۽ 3 مهينن جي ايڊجسٽمينٽ کان رڳو لائف لائن گهريلو صارف آجا هوندا.
ياد رهي ته نيپرا ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي آهي.