وارهه ۾ هڪ مهينو اڳ مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل ناري نازيه چنه نجي اسپتال ۾ فوت

news-details

لاڙڪاڻو: (سومر: 25 سيپٽمبر 2023ع) وارهه ۾ هڪ مهينو اڳ ميرن جي ڪوٽ محلا ۾ مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 13 ورهين جي نينگري نازيہ چنہ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو


هڪ مهينو اڳ ميرن جي ڪوٽ محلا ۾ پنجن وحشي جوابدارن وزير ڇٽو، خادم ڇٽو، عيسيٰ کرل  پاران زيادتي جو نشانو بنائڻ کان پوءِ نينگري نازيه چنه کي ويران جڳهه ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا. نينگري نازيہ چنہ کي پاڙي وارن ۽ سندس وارث کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال داخل ڪرايو جنهن کي لاڙڪاڻہ اسپتال جي ڊاڪٽرن ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هيو جتي هو مسلسل عليل رهڻ بعد اڄ فوت ٿي وئي. ان حوالي سان ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نازيه جو زخم ناسور بڻجي ويو هو، وقت تي علاج نه ٿيڻ سبب هو فوت ٿي وئي.


ياد رهي تہ نياڻي سان زيادتي جو وارھ ٿاڻي تي پنجن جوابدارن خادم، وزير، عيسيٰ ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هيو  جن مان ٽئي نامزد ٿيل جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هيو جڏھن تہ ٻن جوابدارن کي هن وقت تائين پوليس گرفتار نہ ڪري سگهي آھي . پوليس جي لاپرواهي سبب وارثن سوشل ميڊيا تي وارھ پوليس جي جاچ آفيسر مٿان بي اعتمادي جو اظهار پڻ ڪيو هيو.