لاڙڪاڻو: مرشد جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ 13 ورهين جي نينگري پراسرار نموني گم، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

news-details

لاڙڪاڻو: (سومر: 25 سيپٽمبر 2023ع)  لاڙڪاڻي ڀرسان مرشد جي حويلي مان ڪم ڪندڙ 13 ورهين جي نينگري پراسرار نموني گم، پوليس اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سرڪاري مدعيت تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، نينگري جي وارثن سندس نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان مشهور درگاهه مشوري شريف سان واسطو رکندڙ مرشد خليق احمد مشوري جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ خيرپور ناٿن شاهه جي سيتا ڀرسان ڳوٺ قائم خان چانڊيو واسي 13 ورهين جي نينگري راحيلا ڌيءَ غلام نبي چانڊيو ٻن ڏينهن کان حويلي مان پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي.


مرشد خليق احمد مشوري طرفان حد جي باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي پڻ اهڙو اطلاع ڏنو ويو جنهن تي پوليس حويلي پهچي نينگري بابت معلومات ورتي ۽ بعد ۾ باقراڻي پوليس طرفان سرڪاري مدعيت تي ايس ايڇ او باقراڻي نور احمد مغيري جي فرياد تي گناهه نمبر 2023/65 قلم 363، 34 پي پي سي تحت اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نينگري راحيلا خليق احمد مشوري جي گهر ۾ ڪم ڪاري ڪندي هئي جيڪا 22 سيپٽمبر منجهند 12 وڳي گهران نڪري وئي آهي جنهن جي هن وقت تائين ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ته هو ڪٿي آهي بعد ۾ اسان درگاهه مشوري شريف وياسون جتان به معلومات ورتي پر مسمات راحيلا چانڊيو جي ڪا به ڄاڻ ملي ڪو نه سگهي پوءِ اسان ڳولا ڪري واپس آياسون جيئن ته اسان کي شڪ آهي ته مسمات راحيلا چانڊيو کي نامعلوم جوابدار کڻي ويا آهن.


ان حوالي سان نينگري جي والد غلام نبي چانڊيو چيو آهي ته اسين تمام غريب ماڻهو آهيون، گهر ۾ ھڪ ويلو کائيندا آهيون ته هڪ ويلو بک تي ويهندا آهيون، اسان پنهنجين نياڻين کي ننڍي هوندي ئي مرشد جي حويلي ۾ نوڪرياڻي ڪري ڇڏي ويندا آهيون، سائين پاڻ نياڻي کي کڻي ويندا آهن ڇڏي به پاڻ ويندا آهن، گذريل 5 سالن کان منهنجون ٻه ڌيئرون مرشد سائين وٽ حويليءَ ۾ نوڪرياڻيون آهن، هڪڙي ڌيءَ راحيلا گم ٿي وئي، خبر ناهي ته ڪاڏي وئي آهي ٻي اڃان سائين وارن وٽ حويلي ۾ ڪم ڪندي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي. ان حوالي سان خليق احمد مشوري ٻڌايو ته 5 سالن کان وٺي نوڪرياڻي طور رهندڙ 13 ورهين جي نينگري راحيلا چانڊيو گذريل ڪجهه ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي، پوليس کي اهڙو اطلاع پڻ ڏنو آهي ته گهر جي نوڪرياڻي راحيلا جيڪا اسان جي مريدياڻي پڻ آهي اها نڪري وئي آهي.


ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته نينگري راحيلا واري معاملي جي ايف آءِ آر سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪري معاملي جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي، تمام جلد اصل حقيقتون سامهون آنديون وينديون.