مبارڪپور: (سومر: 25 سيپٽمبر 2023ع) مبارڪپور ڀرسان ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين مٿان 87 لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.
رپورٽ موجب چيف آف ٻرڙا هائوس تي سردار صدام حسين خان ٻرڙو ۽ سردار مبين خان بلو جي سرپئنچي هيٺ گذريل 10 سالن کان هلندڙ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو جنهن ۾ 87 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو
ذوالفقار ٻرڙو ۽ غلام رسول ٻرڙو جي ڌرين ۾ عورت جي پيڪي رسي وڃڻ واري معمولي ڳالھ تان تڪرار شروع ٿيو جنهن ۾ 3 ڄڻا غلام شبير ٻرڙو، غلام سرور ٻرڙو، علي شير ٻرڙو قتل ٿي ويا هئا
ذوالفقار ٻرڙو واري ڌر تي 2 خون ثابت ٿيڻ تي 50 لک، جڏهن ته غلام رسول ٻرڙو جي ڌر تي هڪ خون ۽ هڪ زخميءَ جو 37 لک رپيا ڏنڊ پوڻ جي فتوي ٻڌائي وئي، ٻئي ڌريون فيصلي ۾ پيل ڏنڊ قبول ڪري کير کنڊ ٿي ويون. جهيڙيندڙ ڌرين مان ذوالفقار ٻرڙو واري ڌر غلام رسول ٻرڙو واري ڌر کي 13 لک رپيا ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي.