اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان اڊيالا جيل منتقل

news-details

اسلام آباد: (سومر: 25 سيپٽمبر 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي.


اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ گرفتار ٿيل عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


عدالتي حڪم تي عمران خان کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته عمران خان کي روڊ  ذريعي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.


عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ اٽيچ باٿ روم مهيا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوتها به تصديق ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڳوڻي وزيراعظم جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن.