سکر: (اڱارو: 26 سيپٽمبر 2023ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه پنهنجي توبن جو رخ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف طرف ڪندي کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو آهي ته ميثاق جمهوريت کان پوءِ به ميان نوازشريف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. 2014 ۾ اسان ميثاق جمهوريت جو ڀرم رکيو. اپوزيشن ۾ هجڻ باوجود جمهوريت جو دفاع ڪيو.
هن چيو ته اسان ليول پليئنگ فيلڊ ان لاءِ(ن) ليگ کان گهري رهيا آهيون ته انهن جا 7 سينئر ۽ ايڪٽو ميمبر بيورو ڪريسي ۾ آهن سڀني کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن سان به اتحاد ڪري سگهي ٿو.
خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ترقياتي اسڪيمون هن وقت صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هلي رهيون آهن. اها زيادتي آهي ته نگران حڪومت اچڻ شرط ئي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم روڪيا ويا آهن.