وارھ: (اڱارو: 26 سيپٽمبر 2023ع) وارھ ۾ جنسي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بنجڻ بعد فوت ٿي ويل ناري نازيه چنو جي تڏي تي ايس ايس پي قمبر شهداڪوٽ آصف رضا بلوچ پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي
ان موقعي تي نازيه چنو جي والد اختيار چنو طرفان ڪيس انچارج راحيلہ گوپانگ خلاف غير اعتمادي ۽ رشوت وٺي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته ھڪ مھينو گذري ويو آهي پر ھن وقت تائين ڊي اين اي رپورٽ به ناھي ڏني وئي اسان کي خدشو آهي ته ڪيس انچارج راحيلہ گوپانگ اڳي ڌر کان ڳري رشوت وٺي اسان جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي.
جنھن تي ايس ايس پي قمبر شھداڪوٽ آصف رضا بلوچ چيو ته اسان توھان سان گڏ آھيون ڪيس انچارج راحيلا گوپانگ کي ھٽائي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪيس انچارج راحيلہ گوپانگ کي ڊسمس ڪري جي آئي ٽي جوڙي ويندي اگر ان مٿان لڳل الزام ثابت ٿي ويا ته کين سزا ڏني ويندي.