قمبر: (اڱارو: 26 سيپٽمبر 2023ع) نامعلوم ھٿياربندن ھٿان فوتگي تي آيل ڪراچي واسي قتل ھٿياربند آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
قمبر ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ نامعلوم ھٿياربندن ڪراچي جي بلال ڪالوني جي رهواسي 40 ورهين جي مختيار چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر پھچايو
ان موقعي تي مقتول جي گھر واري مسمات وحيدہ ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ جو مڙس فوت ٿي ويو آهي اسان ان جي تڏي تي وڃڻ لاءِ رات ڪراچي کان نڪتاسين ھينئر قمبر کان ڳوٺ مبارڪ ڪلھوڙو وڃڻ لاءِ منهنجو مڙس ٽيڪسي ڪرائي رھيو ھو ته ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ نامعلوم ھٿياربندن منھنجي مڙس مختيار احمد کي گوليون هڻي قتل ڪري باآساني فرار ٿي ويا.
مقتول جي زال آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه قتل ڪيل منھنجي مڙس جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري اسان اسان انصاف ڪيو وڃي.