ڪهڙي قانون جي تحت سينيٽ چيئرمين جي ڀاءُ کي سرڪاري گهر ڏنو ويو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

news-details

اسلام آباد: (اڱارو: 26 سيپٽمبر 2023ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چيئرمين جي ڀاءُ رازق سنجراڻي کي سرڪاري گهر جي الاٽمينٽ جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي چيو آهي ته هائوسنگ واري وزارت پيٽروليم ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رڪارڊ جمع ڪرائي ته ڪهڙي قانون جي تحت گهر ڏنو ويو هو.


اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينيٽ چيئرمين جي ڀاءُ رازق سنجراڻي کي سرڪاري گهر جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته رازق سنجراڻي الاٽ ڪيل گهر سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا ته رازق سنجراڻي کي هاڻ ڪيئن گهر سرينڊر ڪرڻ جو خيال آيو آهي؟ هن ڪيس مان نظر اچي پيو ته اندر گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.


عدالت رازق سنجراڻي جي بطور ايم ڊي سينڊڪ مينلز ڪمپني مقرري تي به سوال اٿاري ڇڏيا. پيٽروليم واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته آغاز حقوق بلوچستان جي تحت رازق سنجراڻي جي سينڊڪ مينلز ڪمپني ۾ مقرري ٿي جنهن کان پوءِ کيس ريگولر ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٻڌايو ته بلوچستان جي وڏي وزير جي سفارش تي رازق سنجراڻي جي مقرري ٿي.


عدالت چيو ته رازق سنجراڻي 2008ع ۾ 3 سالن لاءِ مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ان جي مقرري ۾ ڪيئن واڌ ٿي؟ جيڪو به رڪارڊ آهي اهو جمع ڪرايو وڃي. 2008ع ۾  3 سالن جي لاءِ مقرري ٿي هاڻ ته 2023ع هلي رهيو آهي. هائوسنگ واري وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته ڪمپني کي 3 مهينن کان پوءِ ادائيگي لاءِ وائوچر ڏنو ويندو آهي.


جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا هتي سيڪريٽري گهرن جي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ اوهان وائوچر تي مسئلو ڪري رهيا آهيو؟ هي هڪ ڪمپني آهي وزيراعظم، وڏي وزير ۽ وزير جو ان سان ڪوبه تعلق نه آهي.


رازق سنجراڻي جي وڪيل چيو ته اسان کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. عدالت چيو ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، اوهان جي لاءِ بهتر اهوئي ٿيندو ته اوهان جلد کان جلد اهو گهر خالي ڪري ڇڏيو.