اسلام آباد: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري آفيسرن لاءِ صاحب جو لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ زمين جي معاوضي واري ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران رمارڪس چيف جسٽس چيو ته سرڪاري آفيسرز لاءِ صاحب لفظ جو استعمال حڪمراني ۽ بادشاهت وارو انداز ظاهر ڪري ٿو
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ڌاڙيلن ۽ رياست ۾ ڪو ته فرق هجڻ گهرجي، انصاف جي نظام سان مذاق جو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته سرڪاري ملازمن جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. ميمبر جي نالي سان صاحب جو لفظ استعمال ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. آفيسن ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ صاحب جو لفظ حڪمراني کي ظاهر ڪري ٿو. آئين ۾ اهڙي ڪابه شق موجود نه آهي. سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ صاحب جو لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.