پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب گوادر مان گرفتار

news-details

گوادر: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب کي گوادر مان گرفتار ڪيو ويو آهي.


پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب کي سندس ڀاءُ ۽ 4 ساٿين سميت گوادر ۾ گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي. فرخ حبيب جي ڀاءُ سندس بازيابي جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.


درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فرخ حبيب سندس ڀاءُ ۽ 4 ساٿين کي پنجاب پوليس جا اهلڪار گوادر  مان سندس گهر اندران کڻي ويا آهن. عدالت فرخ حبيب، سندس ڀاءُ ۽ ساٿين کي بازياب ڪرائي.