مريم نواز سان هڪ جهڙائي رکندڙ اماراتي وزير جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

news-details

لاهور:(خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) مريم نواز سان هڪ جهڙائي رکندڙ متحده عرب امارات جي وزير جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.


متحده عرب امارات جي وزير ريم بنت ابراهيم الهاشمي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن جو سبب ان جي مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر  مريم نواز سان تمام گهڻي هڪ جهڙائي آهي.


وڊيو ۾ اماراتي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪري رهي آهي جڏهن ته ان جو ڳالهائڻ جو انداز، ڪپڙن ۽ وارن جو اسٽائيل مريم نواز جيان نظر اچي رهيو آهي.


ريم بنت ابراهيم جي وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا صارفين دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان هڪ صارف چيو هو ته اها خبر ناهي ته مريم نواز اماراتي وزير جي نقل ڪئي آهي يا هو مريم نواز کان متاثر آهي.


(ن) ليگ جي حامين جو چوڻ آهي ته اماراتي وزير اسٽائلنگ جي معاملي ۾ مريم نواز جي ڪاپي ڪئي آهي جڏهن ته(ن) ليگ جي مخالفن مريم نواز جي باري ۾ تنقيد واري انداز ۾ تبصرا ڪيا آهن.