ڪراچي: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي.
انٽر بئنڪ ۾ سيپٽمبر جي آخري ڪاروباري ڏينهن ڊالر هڪ رپيو هڪ پئسو سستو ٿيو آهي.
اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو هڪ پئسو سستو ٿيڻ کانپوءِ 287 رپين 74 پئسن جو ٿي ويو.
انٽر بئنڪ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 4 رپيا 2 پئسا، جڏهن ته هلندڙ مهيني ۾ 17 رپيا 80 پئسا سستو ٿيو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ٻه رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 288 رپين جو ٿي ويو آهي.
اوپن مارڪيٽ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 5 رپيا 50 پئسا، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ 35 رپيا سستو ٿيو آهي.