راولپنڊي: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غير قانوني ڪاروباري سرگرمين خلاف ڪارروائي سان پاڪستان کي معاشي نقصانن کان ڇوٽڪارو ملندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو.
جنرل عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) چيف آف آرمي اسٽاف لاهور جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي به شريڪ هو.
اجلاس دوران آرمي چيف کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، بجلي، گئس چوري، ذخيري اندوزي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي اقليتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن ۽ ڪچي جي علائقي ۾ جاري آپريشنز تي اڳڀرائي بابت به آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فورم غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جو به جائزو ورتو، جڏهن ته فورم کي خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ گرين پنجاب جي قدمن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي آرمي چيف زور ڏنو ته غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا گڏجي ڀرپور قوت سان ڪارروائيون جاري رکن، غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مختلف طريقن سان ٿيندڙ معاشي نقصانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد آهن.