سڪرنڊ: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
پ پ جي گذريل حڪومت جي همدرد پوليس اڄ به موجود آهي، اليڪشن کان اڳ پيپلزپارٽي پوليس ذريعي انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ماڙي جلباڻي ۾ ايس يو پي جي معصوم ووٽرن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته ماڙي جلباڻي ۾ ايس يو پي جي ووٽرن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي.
پيپلزپارٽي پوليس ذريعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گمراهه ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام صوبائي نگران حڪومت جو ھي تحفو برداشت نه ڪندي.
ايس ايس پي نوابشاهه حيدر رضا جو بيان غلط بياني تي ٻڌل آهي، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ايس ايس پي نوابشاهه حيدر رضا کي فوري طور هٽايو وڃي، فوري طور تي اعليٰ سطحي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا.
هوڏانهن نوابشاهه ۾ پوليس کي ضلعي بدر ڪيو وڃي، ٻين ضلعن مان پوليس کي نوابشاهه ۾ مقرر ڪيو وڃي.