پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

news-details

اسلام آباد: (خميس: 28 سيپٽمبر 2023ع) ملڪ ۾ تقريبن ٻن مهينن کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري سبب پهرين آڪٽوبر کان 15 ڏينهن لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي) ۽ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 5 کان 19 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
نگران حڪومت لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو هي پهريون موقعو هوندو، 15 آگسٽ کان 15 سيپٽمبر دوران پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ترتيب وار 58.43 رپيا ۽ 55.83 رپيا في ليٽر جي واڌ ٿي آهي.
هن وقت ملڪ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل في ليٽر ليٽيل سطح تي 331 کان 333 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
حڪومت پيٽروليم ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 12 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ليوي ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 کان 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿيندي.
هن وقت سڀني پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي ٻڙي آهي پر حڪومت پيٽرول تي 60 رپيا في ليٽر پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايڇ ايس ڊي ۽ ٻين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي.
ان کانسواءِ حڪومت پيٽرول ۽ ايڇ ايس ڊي تي 22 کان 23 رپيا في ليٽر ڪسٽم ڊيوٽي به وصول ڪري رهي آهي.