پنجاب ۾ هڪ ڏينهن دوران اکين جي بيماري جا 10 هزار نوان مريض رپورٽ

news-details

لاهور: (ڇنڇر: 30 سيپٽمبر 2023ع) پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران اکين جي بيمارين جا 10 هزار 269 نوان مريض رپورٽ ٿي ويا آهن.


پنجاب جي هيلٿ کاتي موجب پنجاب ۾ اکين جي بيماري واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. صرف هڪ ڏينهن دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري جا وڌيڪ 10 هزار 269 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ پنجاب جي 36 ضلعن ۾ اکين جي بيماري جي رپورٽ ٿيل مريضن جو انگ 3 لک 94 هزار 795 ٿي ويو آهي.


پنجاب جي هيلٿ کاتي موجب راولپنڊي ۾ اکين جي بيماري جا ٽوٽل 9119 مريض رپورٽ ٿيا. فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن اکين جي بيماري جا 1132 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ صرف فيصل آباد ۾ اکين جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو انگ 30.971 ٿي ويو آهي.


ملتان ۾ گذريل هڪ ڏينهن دوران اکين جي بيماري جا 1048 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ اتي ٽوٽل مريضن جو انگ 16.351 ٿي ويو آهي. بهاوالپور ۾ گذريل 1540 نوان مريض سامهون آيا پنجاب ۾ سڀني کان وڌيڪ 77.638 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.


لاهور ۾ گذريل ڏينهن اکين جي بيماري جا 452 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ اتي مريضن جو انگ 23.397 ٿي ويو آهي.