ڳڙھي حسن ويجھو کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 13 ڄڻا زخمي

news-details

ڳڙھي حسن: (جمعو: 27 آڪٽوبر 2023ع) ڳڙھي حسن ويجھو ڳوٺ عبدالرحمان کوسو جي رھواسين کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو.
جھيڙي جي نتيجي ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين لڳڻ سبب اصغر کوسو، فاروق کوسو، علي اڪبر کوسو، عبدالستار کوسو سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
جڏهن ته واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي زخمين کي کڻي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.
هوڏانهن واقعو ڪارنھن تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.