ڪانگو وائرس ۾ مبتلا سول اسپتال ڪوئٽه جو ڊاڪٽر ڪراچي ۾ فوت، 4 ڊاڪٽر علاج هيٺ

news-details

ڪراچي: (آچر: 05 نومبر 2023ع) ڪوئٽه سول اسپتال جي 5 ڊاڪٽرن سميت عملي جا 8 ماڻهو ڪانگو وائرس جو شڪار ٿي ويا جنهن مان هڪ ڊاڪٽر علاج دوران فوت ٿي ويو.


صحت کاتي جي ترجمان موجب 8 مان 7 ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايئرايمبولينس ذريعي ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن مان هڪ ڊاڪٽر شڪر الله لاڏاڻو ڪري ويو. ترجمان ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر شڪرالله 3 ڏينهن اڳ ڪانگو وانگرس مان متاثر ٿيو هو.


ان کان علاوه ڪوئته جي سول اسپتال شيخ زيد اسپتال ۽ فاطمه جناح اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.