غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي جي شروعات ٿي وئي

news-details

غزه: (جمعو: 24 نومبر 2023ع) غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت چئن ڏينهن جي جنگ بندي جي باقاعدا شروعات ٿي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عارضي جنگ بندي جي شروعات مقامي وقت موجب صبح جو ست وڳي کان ٿي جيڪا ايندڙ چئن ڏينهن يعني اڱاري جي ڏينهن صبح جو ست وڳي تائين جاري رهندي.
عرب ميڊيا موجب رفاح ڪراسنگ کان ٻارڻ جا ٻه ۽ گيس جو هڪ ٽينڪر غزه ۾ داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته غزه پٽي جي ڏاکڻين علائقن ۾ اسرائيلي فوجي جهازن جي اڏام بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته جهازن جي بمباري رڪجڻ کان پوءِ پنهنجن پيارن جي ڳولا لاءِ فلسطيني خاندانن جي واپسي جاري آهي ۽ جنگ بندي شروع ٿيندي ئي ملبي مان زخمين ۽ لاشن کي ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب جنگ بندي معاهدي تحت حماس ۽ اسرائيل طرفان يرغمالين کي گروپ جي صورت ۾ آزاد ڪيو ويندو، 13 يرغمالين جو پهريون گروپ پاڪستاني وقت موجب شام جو 7 وڳي آزاد ڪيو ويندو، اسرائيل بدلي ۾ اڄ 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، غزه ۾ روز جي بنياد تي امدادي سامان جون 200 ٽرڪون داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي ۽ غزه سٽي ۽ اتر غزه تي روز ڇهه ڪلاڪن صبح جو ڏهه وڳي کان شامل چار وڳي تائين اسرائيلي جهاز اڏام نه ڀريندا.
عرب ميڊيا موجب قطري راڄڌاني دوحا ۾ غزه جنگ بندي مانيٽر ڪرڻ لاءِ آپريشنز روم قائم ڪيو ويو آهي، قطر عارضي جنگ بندي تي عملدارآمد لاءِ اسرائيلي فوج ۽ حماس سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي ۽ روز ڏهه اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تي جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن واڌ جو به امڪان آهي.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي موجب حماس طرفان 50 يرغمالين جي آزادي عيوض اسرائيل 150 عورتون ۽ ٻار آزاد ڪندو.
ياد رهي ته ست آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي بمباري سبب هيل تائين 14 هزار 850 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ست هزار گم آهن جڏهن ته 36 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.