جنگبندي جو ٻيون ڏينهن: رات دير سان 13 اسرائيلين جي بدلي 39 فلسطيني آزاد

news-details

غزه: (آچر: 26 نومبر 2023ع) غزه ۾ عارضي جنگبندي جي ٻئي ڏينهن دير کان پوءِ حماس 13 اسرائيلي ۽ 4 تهائي شهرين کي آزاد ڪيو ويو. آزادي ماڻيندڙ اسرائيلين ۾ 5 عورتون ۽ 8 ٻار شامل آهن.


پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڇنڇر جي ڏينهن قطر ۽ مصر قيدين جي بدلي معاهدي تي عمل جي حوالي سان حماس ۽ اسرائيل سان ڳالهيون ڪيون ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ رات دير سان حماس ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 17 يرغمان کي آزاد ڪري ڇڏيو. اسرائيل طرفان به 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو. جن ۾ 33 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن.


فلسطيني قيدي مغربي ڪناري جي علائقي بيتونيا پهچي ويا. جتي انهن جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. آزادي ماڻيندڙ فلسطينين 38 سالن جي اسراءِ جعابيص به شامل آهن کيس 2015 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.


اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي يرغمالي بذريعه رفاح ڪراسنگ مصر کان اسرائيل پهچي رهيا آهن. قطر جو چوڻ آهي ته قيدين کي آزاد ڪرڻ جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون قطر ۽ مصر جي ٻنهي ڌرين سان رابطن ذريعي ختم ٿي ويون آهن جنهن جي حماس طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي.


ان کان پهرين حماس يرغمالين جي آزادي ملتوي ڪندي چيو هو ته اسرائيل جنگبندي معاهدي تي عمل نه پيو ڪري جنهن سبب قيدين کي آزاد ڪرڻ جو عمل روڪيو ويو. حماس جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ امداد ۽ بيدخل فلسطينين جي واپسي روڪي رهي آهي.  ڊرون جون اڏامون به جاري آهن. والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيلي فورسز جون ڪارروايون به جاري آهن.