عارضي جنگبندي جو ٽيون ڏينهن: حماس 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

news-details

غزه: (سومر: 27 نومبر 2023ع)حماس طرفان غزه ۾ جاري چئن ڏينهن جي عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏينهن معاهدي جي تحت 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، آزاد ڪيل سمورا ماڻهو مصر روانا ٿي ويا آهن. اسرائيلي اختيارين يرغمالين جي آزادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.


13 اسرائيلي يرغمالين ۾ ٻٽي شهرت رکندڙ چئن سالن جي آمريڪي ٻارڙي سميت 9 ٻار ۽ 4 عورتون شامل آهن. ان کان اڳ به يرغمالين جي ٻن گرپن کي ڏکڻ  غزه ۾ ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو ويو هو.


ٻئي پاسي آمريڪي صدر جوبائيڊن يرغمالين ۾ هڪ چئن سالن جي ٻارڙي جي آزادي ٿيڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي. حماس طرفان 3 تهائي شهرين سميت هڪ روسي شهري کي به آزاد ڪيو ويو آهي.


ٻئي طرف معاهدي جي تحت حماس طرفان اسرائيلي  يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي بدلي ۾ اسرائيل کي به 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻو پيو آهي. جڏهن ته معاهدي جي تحت امدادي سامان تيل ۽ گيس جي 4  ٽرڪن سميت 20 امدادي ٽرڪ به غزه ۾ داخل ٿي ويا.


گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيلي حملن کان پوءِ غزه جي 80 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي وئي آهي. جنهن جو انگ 17 لک کان وڌيڪ آهي. 10 لک کان وڌيڪ فلسطيني، 156 پناهگير ڪيمپن ۾ موجود آهن. اسرائيلي فوج پناهگيرن جي ڪيمپ تي به بمباري ڪري چڪي آهي


ياد رهي ته جنگبندي جي ٻئي ڏينهن حماس اسرائيل طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي يرغمالين  جي آزادي عارضي طور تي ملتوي ڪري ڇڏي پر بعد ۾ قطر ۽ مصر جي ڪوششن کان پوءِ 13 اسرائيلي ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو هو جنهن جي بدلي اسرائيل کي به 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻو پيو هو.