پي ايس ايل: پشاور زلمي جي سربراهه وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

news-details

ڪراچي: (اربع: 29 نومبر 2023ع) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي پنهنجي ٽيم جون ميچون پشاور ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جاويد آفريدي جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ميچون پشاور ۾ ڪرايون وڃن.
هن چيو ته هاڻي ڪو به بهانو نه هلندو، اسان جي مداحن جو پورو حق آهي هو پنهنجي ٽيم پشاور زلمي جو تمام ميچون هوم گرائونڊ تي کيڏي.
پي ايس ايل 9 جي ڊرافٽنگ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميگا ايونٽ 8 فيبروري کان 24 هين مارچ تائين کيڏيو ويندو.