جسٽس مظاهر نقوي جوڊيشل ڪونسل جي ٻنهي شوڪاز نوٽيس کي چيلينج ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (خميس: 30 نومبر 2023ع) جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڪارروائي جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.


جسٽس مظاهر نقوي جوڊيشل ڪونسل طرفان جاري ڪيل ٻنهي شوڪاز نوٽيسز کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.


جسٽس مظاهر نقوي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وفاق کي گهرو وزارت ذريعي ڌر بنائيندي استدعا ڪئي ته منهنجي خلاف شڪايت کي کليل عدالت ۾ ٻڌو وڃي.


ياد رهي ته جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي کي 2 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن جوڊيشل ڪونسل ۾ جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف 10 شڪايتون ٻڌڻي هيٺ آهن.