ڪوبه اهڙو بيان نٿو ڏيڻ چاهيان جنهن سان مون کي ٻيهر چلو ڪٽڻو پوي: شيخ رشيد

news-details

راولپنڊي: (خميس: 30 نومبر 2023ع) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مان اهڙو ڪوبه بيان نٿو ڏيڻ چاهيان جنهن ساب مون کي 40 ڏينهن جو چلو ڪٽڻ کان پوءِ ٻيهر چلو ڪٽڻو پوي.


9 مئي جي ڪيسن خلاف شيخ رشيد جي داخل درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪئي.


شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار عبدالرزاق خان سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته پوليس طرفان شيخ رشيد جي خلاف ڪيس جي اڻ مڪمل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.


جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي هڪ هفتوي لاءِ ملتوي ڪندي پوليس کي ڪيسن جي مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.


ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته عدالت پنجاب حڪومت کي ڪيسز جي مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي. 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن به مظاهري ۾ شريڪ نه هئس.


شيخ رشيد چيو ته چلو ڪاٽڻ کان پوءِ منهنجو نالو 9 مئي جي ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ماڻهو منهنجي گاڏي جي ضمانت ڏني هئي ان کي به گرفتار ڪيو ويو هو مون کان هاڻ اهڙي ڳالهه نه چورايو جو 40 ڏينهن جو چلو ڪٽڻ کان پوءِ ٻيهر چلو ڪٽڻو پوي.


هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته نوازشريف کي رليف ئي رليف آهي ان کي ڊگهو رليف ملندو جيڪو شخص عوام کي بيوقوف سمجهي ٿو اهو پاڻ سڀني کان وڏو بيوقوف آهي.


شيخ رشيد چيو ته مان ڪنهن کي به ڪنهن جي هٿان ڪوبه پيغام ناهي اماڻيو. 10 ڊسمبر کان چونڊ مهم شروع ڪندس. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪالهوڪي فيصلي مان لڳي ٿو ته عام چونڊن ۾ انهن کي بيٽ جو نشان ملندو چونڊن لاءِ چيف جسٽس پاڪستان 8 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري رکي آهي.