لطيف کوسا پنهنجي ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس جي تصديق ڪري ڇڏي

news-details

لاهور: (خميس: 30 نومبر 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيل لطيف کوسا پنهنجي ۽ بشريٰ بي بي جي سامهون ايندڙ آڊيو جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.


سردار  لطيف کوسا آڊيو ليڪس بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته اهي ڪلائنٽ ۽ وڪيل وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون آهن جنهن به ان کي ليڪ ڪيو آهي ان کي شرم اچڻ گهرجي.


هن سوال ڪندي چيو ته اها ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪير ليڪ ڪندو آهي؟ ان حوالي سان جسٽس بابت ستار به آرڊر ڏنو آهي ته اهو  ڪير آڊيو ليڪ ڪري  رهيو آهي؟


عمران خان جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو عدالت ۾ اچي ٻڌائين   ته هو اهڙي ذاتي نوعيت جون آڊيو ليڪ ڇو ڪري رهيا آهن.


ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ سينئر وڪيل سردار لطيف کوسي جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ ٻئي عمران خان جي ڀينرن سان پنهنجي اختلافن جو کليل نموني سان اظهار ڪري رهيا آهن.