پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

news-details

حيدرآباد: (خميس: 30 نومبر 2023ع) سکر جي سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سڄي ملڪ اندر ڪارو ڏينهن ملهائي پريس ڪلبن تي ڪارا جهنڊا چاڙي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ان ڏس ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان حيدرآباد ريجن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.
شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد يونين اف جرنلسٽس طرفان ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي حيدرآباد پريس ڪلب کان ريڊيو پاڪستان تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ايڇ يو جي يونٽ ٽنڊو محمد خان طرفان رمضان شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
هوڏانهن ايڇ يو جي يونٽ مٽياري طرفان شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ يونٽ صدر رجب بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
پي ايف يو جي جي ملڪگير احتجاج جي سلسلي ۾ ايڇ يو جي يونٽ دادو طرفان ايڇ يو جي نائب صدر ولي محمد لُنڊ، گلڻ ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.
شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پي ايف يو جي جي سڏ تي ايڇ يو جي يونٽ بدين طرفان ايوان صحافت ۽ بدين پريس ڪلب طرفان حاجي خالد محمود گهمڻ، تنوير آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۾ سست رفتاري جو مظاهرو ٿيڻ خلاف ايڇ يو جي يونٽ ٺٽو طرفان ضلعي صدر خدا بخش بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
هوڏانهن شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽس طرفان ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان شاهد خاصخيلي، نذير پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
نهيءَ سلسلي ۾ مٺي ۾ صحافين امتياز ڌيراڻي جڏهن ته سانگهڙ ۾ حسن لانڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
حيدرآباد ۾ ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح ۽ ٻين شهرن ۾ اڳواڻن ريلين کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل کي ٽي مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود مک قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، جيڪا شهيد جي خون سان انصافي آهي.
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج آهن پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪن تي جونءَ به ناهي چري.
هنن چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 10 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ آل سنڌ جرنلسٽس ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گُهر ۽ آئنده جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.