عوام تي هڪ ٻيو بار، ايل پي جي مهانگي

news-details

اسلام آباد: (خميس: 30 نومبر 2023ع) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جو اگهه وڌائي ڇڏيو.
ايل پي جي جي اگهن ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، نوان اگهه پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا.
اوگرا موجب ايل پي جي جي قيمت ۾ 3.82 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.
گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ 45 رپيا 18 پئسا واڌ ڪئي وئي، ان جي قيمت 3 هزار 7 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.