نيتن ياهو اسرائيلي فوج کي پوري طاقت سان غزه تي ٻيهر حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

تل ابيب: (آچر: 03 ڊسمبر 2023ع) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي فوج کي غزه تي پوري طاقت سان ٻيهر حملا شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.


پنهنجي خطاب ۾ نيتن ياهو چيو ته حماس طرفان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب ٻيهر جنگ شروع ڪري رهيا آهيون. سمورن يرغمالين کي آزاد ۽ حماس جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. نيتن ياهو وڌيڪ چيو ته اسان ڊيل تائين پهچڻ لاءِ ڳالهين جا ڪيترائي دور ڪيا پر هاڻ اسان ڳالهيون ڪندڙن کي قطر مان واپس گهرائي ورتو آهي.


هوڏانهن حماس اعلان ڪيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي تائين اسرائيل کان وڌيڪ قيدين جي ڏي وٺ نه ٿيندي. حماس جي نائب سربراهه صالح العروري پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته اسان وٽ اسرائيلي يرغمالين ۾ هاڻ عوتون ۽ ٻار نه آهن صرف فوجي يا فوج ۾ ڪم ڪندڙ سويلين آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي شهيدن جي بدلي ۾ مارجي ويل اسرائيلين جي لاشن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر اسان کي انهن لاشن کي ڪڍڻ جي لاءِ وقت  گهرجي.