غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي عروج تي پهچي وئي، هڪ ڏينهن دوران 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، انگ 16 هزار کان وڌي ويو

news-details

غزه: (آچر: 03 ڊسمبر 2023ع) غزه جي سرڪاري ميڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته گذريل هڪ ڏينهن دوران اسرائيل جي  وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن.


فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان عارضي جنگبندي جو معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل جي غزه ۽ ٻين قابض علائقن تي بدترين بمباري جو سلسلو جاري آهي.


اسرائيل طرفان غزه جي وڏي آبادي وارن علائقن تي حملا ڪيا پيا وڃن جتي اتر غزه کان جبري انخلا کان پوءِ فلسطينين جي وڏي اڪثريت پناهه ورتي آهي. اسرائيلي فوج طرفان رهائشي عمارتن کي نشانو بنايو پيو وڃي. ان کان علاوه اسرائيلي فورسز جون خان يونس جي علائقي ۾ به ڇاپا مار ڪارروايون جاري آهن ۽ تازين ڪارروائين ۾ اسرائيلي فورسز هڪ گهر تي ڇاپو هڻي 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.


خان يونس ۾ قطري تعاون سان تعمير ٿيندڙ حمد سٽي جي تباهي جا ڊيڄاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا. ترڪ ٽي وي جو صحافي ربا خالد لائيو ڪوريج دوران پنهنجو گهر تباهه ٿيندي لڙڪ لاڙي ويٺو. هوڏانهن اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ جي شيخ عڪرمه جي گهر تي به ڇاپو هنيو. شيخ عڪرمه صابري والاريل بيت المقدس ۾ سپريم اسلامي ڪونسل جو سربراهه ۽ فلسطيني عالمن ۽ مبلغين جي انجمن جو باني ۽ صدر به آهي.


حماس چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوجن جي اجتماع کي نشانو بنايو ويو آهي. فلسطيني تنظيم طرفان اسرائيلي فورسز ۽ گاڏين کي نشانو بنائڻ جون وڊيوز به جاري ڪيون ويون آهن.


صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊبانوم غزه جي اسپتالن جي صورتحال کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ڏکڻ غزه ۾ نصر اسپتال جون حالتون ناقص کان به بدتر آهن. اسپتال ۾ گنجائش کان تمام گهڻا وڌيڪ مريض موجود آهن. مريضن جو علاج زمين تي ڪيو پيو وڃي ۽ مريض تڪليفن سبب رڙيون ڪري رهيا آهن.


عرب ميڊيا موجب غزه ۾ اسرائيلي جارحيت هزارين ٻارن جو ننڍپڻ ڦري ورتو آهي. غزه جي پٽي تي اسرائيلي بمباري سبب ڪنهن هنڌ تي ٻارن کان والدين ته ڪٿي والدين ٻارن کان وڇڙي ويا آهن. غزه ۾ اسرائيلي بمباري کان پوءِ ملبي  مان ريسڪيو ڪيل زخمي ڀائرن ۽ ڀينرن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن جنهن ۾ زخمي ڀيڻ ڀائر  پنهنجي خاندان جي خيريت جي باري ۾ پڇي رهيا آهن پر ڀائرن وٽ ڀينرن جي سوالن جو ڪوبه جواب نه آهي.


غزه ۾ سرڪاري ميڊيا آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل عرب ميڊيا سان ڳالهين دوران چيو ته 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. غزه جي سرڪاري اهلڪار موجب اسرائيلي بمباري سبب غزه پٽي ۾  هينئر تائين 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن جڏهن ته عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب 7 آڪٽوبر کان  هينئر تائين شهيد فلسطينين جو انگ 16 هزار کان وڌي ويو آهي.