مديجي ۾ مزدورن کان ڦر، جوابدار فرار

news-details

مديجي: (خميس: 07 ڊسمبر 2023ع) مديجي ويجهو امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ منڌون جي وانڊ جي رهواسي پورهيتن عابد جوڻيجو ۽ محمد اسحاق جوڻيجو کان روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن.
اهڙي اطلاع ملڻ باوجود امروٽ پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي.
ان موقعي تي پورهيتن ٻڌايو ته سيلر تي مزدوري ڪري گهر واپس وڃي رهيا هئاسين ته نامعلوم چار هٿياربندن پورهيتن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گھر جو سودو سامان، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن.
پورهيتن ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل موبائيل فونون ۽ روڪ رقم واپس ڏياريون وڃن.