شهدادپور ۾ ستين ڪلاس جو شاگرد ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

news-details

شهدادپور: (جمعو: 08 ڊسمبر 2023ع) شهدادپور ۾ ستين ڪلاس جو شاگرد موٽرسائيڪل سميت ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
شھدادپور ۾ سمس اسپتال لڳ مصروف روڊ تي انتظاميه جي مبينه نااھلي سبب حددخلين ۽ ٽريفڪ ھئڻ ڪري سٽي گرامر اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙھندڙ شاگرد محمد افنان ولد نديم راجپوت موٽرسائيڪل سميت پٿرن سان ڀريل ٽرڪ ھيٺان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس موٽرسائيڪل به تباهه ٿي وئي، ٽرڪ جو ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو.
اهڙي اطلاع تي پوليس پھچي نينگر جي لاش کي سمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن فوتي شاگرد جي پيءُ محمد نديم راجپوت ٻڌايو ته منھنجو پٽ سٽي گرامر اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھو اسڪول جي موڪل ٿيڻ بعد موٽرسائيڪل تي گھر اچي رھيو ھيو ته ٽرڪ سندس مٿان چڙھي وئي آھي.