گهوٽڪي ۾ گرين لائين ايڪسپريس مزدا مٿان چڙهي وئي

news-details

گهوٽڪي: (جمعو: 08 ڊسمبر 2023ع) گهوٽڪي لڳ محمد پور ريلوي ڦاٽڪ تي تيز رفتار ٽرين جو مزدا مٿان چرهي وئي، ڊرائيور فوت ٿي ويو.
گهوٽڪي ۾ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس مزدا مٿان چڙهي وئي.
حادثي سبب ٽڪر مزدا ڊرائيور نور خان ٽانوري فوت ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو
حادثي کانپوءِ ٽرين کي هڪ ڪلاڪ واقعي واري هنڌ بيهارڻ بعد منزل طرف روانو ڪيو ويو.
ڪوهيڙي سبب ڦاٽڪ تي مزدا ڪراسنگ ڪرڻ دوران ڦاسي پئي ۽ ٽرين سان ٽڪرائجي وئي.