شوڪت ترين جو سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

news-details

اسلام آباد: (جمعو: 08 ڊسمبر 2023ع) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ سينيٽر شوڪت ترين به سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شوڪت ترين نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پارٽي ۽ سينيٽ جي سيٽ ڇڏڻ جي تصديق ڪئي.
ياد رهي ته شوڪت ترين 2021ع ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي خيبر پختونخواهه مان سينيٽر چونڊيو هو، هو 17 آڪٽوبر 2021 کان 11 اپريل 2022ع تائين عمران خان جي ڪابينه ۾ ناڻي وارو وزير رهيو.