رپئي جي قدر ۾ واڌ جاري، ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (جمعو: 08 ڊسمبر 2023ع) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 25 پئسا سستو ٿيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 283 رپيا 87 پئسا آهي.