سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جا اصل قاتل 117 ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود گرفتار نه ڪيا ويا، صحافين جي احتجاجي تحريڪ جاري

news-details

سکر: (جمعو: 08 ڊسمبر 2023ع) سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جا اصل قاتل 117 ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود گرفتار نه ڪيا ويا، صحافين جي احتجاجي تحريڪ جاري، قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ڏهه ڊسمبر حيدرآباد ۾ صحافي سنڌ صحافي ڪنوينشن ۾ وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي سکر يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 117 ڏينهن به سکر جي صحافين احتجاجي تحريڪ جاري رکندي سکر پريس ڪلب اڳيان ايس يو جئي جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي علامتي بک هڙتال وارو سلسلو جاري رکيو جنهن ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي.
جڏهن ته بک هڙتال ۾ شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، سيد احقر شاهه، خالد ٻانڀڻ، سليم سهتو، عمر سومرو، سحرش کوکر، آصف لوڌي، جلال الدين ڀيو، انس گهانگهرو، جهانزيب وسير، صلاح الدين قريشي، اسحاق کوسو، عبدالغفور شيخ، يار محمد سومرو، بخش علي ڦلپوٽو، اظهردايو، ڪاشف ڦلپوٽو، سجاد پاشا، فريد سومرو، اورنگزيب ماڪو، علي کوسو، ديدار انڙ، فاروق سومرو، اعجاز ڇڄڻ، قاضي ضياء الرحمان، فيصل آرائين، صلاح الدين سميجو، عبدالرزاق سولنگي، شعيب ملڪ، بابر کوکر ۽ ٻيا موجود هئا.
ان موقعي پي ايف يو جئي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان ۾ 148 صحافي شهيد ڪيا ويا آهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس عزم ڪيو آهي ته شهيد جان محمد مهر جا نامزد ڪيل قاتل گرفتار ٿيڻ گهرجن ۽ اهو صحافي جو قتل آخري قتل ثابت ٿئي اسان قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه وينداسين مان سکر، ڪراچي، حيدرآباد سميت پاڪستان جي تمام پريس ڪلبن ۽ صحافين کي سلام ٿو پيش ڪريان جن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي تحريڪ ۾ ٻڌي ۽ يڪجهتي جو نئون مثال قائم ڪري جدوجهد ڪئي آهي.
هن چيو ته حڪمرانن سمجهيو ته صحافي خاموش ٿي ويندا سنڌ جي صحافين گڏجي ڪراچي ۾ وڏو ڌرڻو هنيو، رياست لاءِ واضع پيغام ڏنو ته صحافي خاموش ٿي نه ويهندا.
هن چيو ته رياست لاءِ ڪجهه به ناممڪن نه هوندو آهي انهن لاءِ قاتل گرفتار ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي اسان سمجهون ٿا ته رياست کي خوف آهي ته پاڪستان جا صحافي باقي شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو نه ڪن ته کين ڇا جواب ڏينداسين.
هن چيو ته آئندہ ڪنهن به صحافي خلاف ڪوڙو ڪيس يا قتل سازش ڪئي وئي ته پوءِ ڌرڻن کان ڪم اڳتي وڌندو اسان دنيا ۾ ملڪ کي بدنام ان ڪري نه ٿا ڪيون ڇونه هي ملڪ اسان جو آهي اسان اهو پيغام ٿا ڏيون ٿا نگران حڪمرانن کي چئون ٿا ته پنهنجو ڪم ڪيو اسان کي احتجاج کان روڪي نه ٿا سگهو اسان جو پرامن احتجاج کي ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون صحافين کي ڏيڻ بدران قاتلن کي ڏيو ته بهتر آهي.
صحافي پنهنجي اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکڻ صحافي اڳواڻن چيو ته ساڍا مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو آهي، اسان جو واضع اعلان آهي ته اسان جي ساٿي شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج ختم نه ٿيندو.
احتجاج ۾ پنوعاقل، صالح پٽ، روهڙي ۽ ڪنڌرا جي صحافين سميت اشفاق کوسو، اسامه طلعت، ناصر جعفري، نياز حسين ابو پوٽو، محمد علي سولنگي، اصغر عباسي، حميد گل، شاهه ولي، نادر سنجراڻي، عبدالله چاچڙ، مجاهد بوزدار، عثمان گهنڃو، جاويد علي ڍنڍڻ، راجا رياض، عبدالله مھر، نياز مهر، ظهير ڌاريجو، اي ڊي گهنڃو، نثار ڀاڀو، عبدالخالق منڱريو، ياسر ڀيو، سليم ڊريهو، محمد اسلم دايو، مجاهد سول سوسائٽي جي مخدوم بلاول، عطا محمد ڀٽو، زاهد منڱريو، اعظم منڱريو ۽ ٻين شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته شهيد جان محمد جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف جو مان مٿانهون ڪيو وڃي.