سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به زرعي ڀاڻ جو بحران، ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيڻ لڳي

news-details

لاهور: (آچر: 10 ڊسمبر 2023ع) سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به زرعي ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب زرعي ڀاڻ جي اگهه ۾ واضع اضافو ٿي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 3 هزار 750 روپين ۾ وڪرو ٿيندڙ يوريا جي ٻوري 5 هزار 2 سئو روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.


زرعي ڀاڻ جي پيدا ٿيل کوٽ سبب ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ آبادگارن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ 15 ڊسمبر تائين ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي آهي ۽ ان فصل کي 15هين ڏينهن پاڻي ڏنو ويندو آهي، جنهن لاءِ زرعي ڀاڻ لازم آهي پر زرعي ڀاڻ دستياب ناهي.


ان ڏس ۾ پنجاب حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيدوار وڌائي نه صرف ڪڻڪ جي اپت وڌائي ويندي پر ڪڻڪ ايڪسپورٽ پڻ ڪئي ويندي پر اها دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿيڻ واري آهي.


ان ڏس ۾ پنجاب جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته يوريا جي جيڪا ٻوري 3 هزار 750 روپين ۾ ملندي اها مهانگي ٿي هاڻي 5200 روپين ۾ جي ٿي وئي آهي جڏهن ته ڊي اي پي جي اگهه ۾ پڻ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي.


آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها ئي صورتحال برقرار رهي ته ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيندي جنهنڪري هن سال ڪڻڪ جي اُپت گهٽ ٿيندي ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي ويندو.