زرداري وٽ ڪھڙي ڊرائي ڪلينرز جي فيڪٽري آھي جنھن سان عوام جي مينڊيٽ کي ڌوتو آھي: مورو جي جلسي ۾ اڳواڻن جو خطاب

news-details

مورو: (اڱارو: 20 فيبروري 2024ع) مورو ۾ جي ڊي اي پاران اعلانيل جلسي ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت طرفان جلسي کي خطاب ڪيو ويو.


جلسي کي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي، اياز لطيف پليجو، راشد محمود سومرو، صفدر عباسي، غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور احمد خان جتوئي، شاھنواز جتوئي، لياقت جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو.


اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھي پري پول اليڪشن ھئي جيڪا ھڪ انجنيئرنگ ذريعي ڪرائي وئي جنھن ۾ آر او ڊي، آر او سميت پوري انتظاميه ساڻن گڏ ھئي، ٻئي مرھلي ۾ فارم 45 جا نتيجا پڻ تبديل ڪيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ٺٽي ۾ يوم تشڪرُ جو جلسو رٿيو ويو جيڪو تشڪرُ نه بلڪه اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو جشن ملهايو ويو. آخر زرداري صاحب ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھ آھي جو ھر دفعي کيس حڪومت ڏني وڃي ٿي. زرداري وٽ ڊرائي ڪلينرز جي فيڪٽري آھي جنھن ذريعي ھن سنڌ کي ڌوتو آھي پر ھاڻ سندس اسان ڌلائي ڪنداسين، غلام مرتضي جتوئي ايم آر ڊي جو ھيرو آهي سندس تي اوھان ڀلي ڪيترا به ڪيس داخل ڪيو مگر ان جا حوصلا ڪڏھن به پشت نه ٿيندا.


جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو جو چوڻ ھو ته ڪرپشن جي پيسن مان حڪومت خريد ڪئي وئي آھي سکر کان حيدرآباد تائين ٺھندڙ موٽروي ايم 6 جي پيسن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي سيلاب لاء آيل پيسن سميت انڪم سپورٽ پروگرام جي پيسن مان پڻ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. ھاڻ سندن وقت آخري آھي کين ڪنھن به قسم جي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي، کين حلف به نه کڻڻ ڏنو ويندو.


جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته جي يو آئي پاران 18 تاريخ تي مٽياري واري احتجاج جي حمايت ڪيون ٿا 23 تاريخ اتحادي جماعتن سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ۽ 26 تاريخ تي بدين ۾ ھڪ وڏو احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. اسان سنڌ کي ڪڏھن به ھنن چورن حوالي نه ڪنداسين ھر صورت ۾ ھنن جي رستا روڪ ڪئي ويندي .


جلسي کي راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ۾ بلاول ڀٽو زرداري صاحب 16منٽ جلسي کي خطاب ڪيو جنھن ۾ نون منٽ پير سائين ۽ منھنجي باري ۾ ڳالھايو ويو ۽ اسان تي تنقيد ڪئي وئي. اسان ئي ھن ملڪ جا وارث آھيون جن ملڪ جوڙيو آھي اھي ڪڏھن به ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالھ نه ڪندا، ھي ملڪ اسان جو آھي ۽ اسان ئي ھن ملڪ جا وارث آھيون.