مديجي: (اڱارو: 20 فيبروري 2024ع) ڊي ايس پي مديجي مختلف ٿاڻن ڳاهيجا، امروٽ، مديجي جي پوليس نفري ۽ اي پي سي چين ساڻ ڪري ڳوٺ پنهور پليجا تي چڙهائي ڪري ڏني آھي.
پوليس چڙهائي دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهرن ۾ ڀڄ ڊاهه ڪئي ۽ گهرن ۾ پيل اناج، بيٽريون، يو پي ايس، سولر پليٽون ۽ ٻيون قيمتي سامان کڻي وئي آھي.
ان موقعي تي پنهور پليجا جي اعجاز پنهور، عورتن ۽ معصوم ٻارن پوليس جي ناجائزن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته مديجي ڊي ايس پي ذوالفقار پنهور ۽ مديجي ايس ايڇ او سرتاج جاڳيراڻي بااثر ياسر شاهه جي چرچ تي گهرن داخل ٿي آھي ۽ اسان جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن مٿان تشدد ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو اسان عورتون پوليس کي سامان نه کڻڻ لاءِ پاڪ ڪتاب ڏيکارينديون رهيون سين پر پوليس اسان جي هڪ نه ٻڌي ۽ گهرن ۾ پيل سامان کڻي وئي آھي.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا مرد ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آھن، اسان فيصلي سميت هر نيت ڏيڻ لاءِ راضي آھيون.
ان موقعي تي ڊي ايس پي مديجي ذوالفقار پٺاڻ ۽ ايس ايڇ او مديجي سرتاج جاڳيراڻي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار جي گرفتاري لاءِ چڙھائي ڪئي آھي، جوابدار قتل سميت ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ گهربل آھن، جيسيتائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا ڪارروائي جاري رهندي.
پوليس چڙهائي دوران مهمان ٿي آيل پيرسن عورت مرادا خاتون پهوڙ صدمي ۾ فوت ٿي وئي آھي، جنهن بعد پنهور برادري جي ماڻھن اعجاز پنهور جي اڳواڻي ۾ وارهه پل سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آھي.
ان موقعي احتجاج ڪندڙن الزام لڳائيندي چيو ته پوليس بااثر ياسر شاهه جي وانگار تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري گهرن تي چڙهائي ڪري ڏني هئي.
پوليس چڙھائي دوران عورت صدمي ۾ فوت ٿي وئي آھي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته فوت ٿي ويل عورت جي ايف آء آر ايس ايڇ او مديجي ۽ ٻين تي داخل ڪيو وڃي، جيسيتائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ويندي تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو، ٻن ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او مديجي سرتاج جاڳيراڻي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي.
ان موقعي تي عورت جي وارث اعجاز پنهور ٻڌايو ته ايس ايڇ او بااثر مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آھي، جنهن جي چوڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو آھي.
هنن چيو ته جيڪڏھن ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ته روڊ ٻيهر بند ڪيو ويندو.