ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع)  ڪراچي ۾ ڦورن جي ديده دليري ۽ پوليس جي بي وسي جي نتيجي ۾ هٿين خالي شهرين جو قتل معمول بڻجندو پيو وڃي. تازي واقعي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن 2 ورهين جي معصوم ٻارڙي به ڦورن جي گولي جو نشانو بڻجي فوت ٿي وئي هئي.


هلندڙ سال ڪراچي ۾ هنيئر تائين بي رحم ڦورن جي فائرنگ سبب فوت ٿيل شهرين جو انگ 26 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 2 ورهين جي معصوم ٻارڙي به شامل آهي. پوليس موجب جمعي جي شام پير آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون بنارس فلائي اوور تي ڦر دوران مزاحمت تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 سڳن ڀائرن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو جنهن مان هڪ ڀاءُ 28 ورهين جو عبدالمعيز علاج دوران فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ٻئي زخمي ڀاءُ جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي.   ڇنڇر جي صبح 18 ورهين جو عبدالحنان به زخمن جي سٽ نه سهندي  علاج دوران  عباسي شهيد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.


مقتول ڀائر منگهو پير خيرآباد جا رهواسي هئا ۽ درزي جي دڪان ۾ نوڪري ڪندا هئا. مقتول عبدالمعيز جي 3 مهينا اڳ شادي ٿي هئي. ايس ايڇ او پير آباد شاهد تاج موجب مقتول ڀائر جمعي تي بورڊ آفيس طرف موٽر سائيڪل تي بنارس فلائي اوور تان گذري رهيا هئا ته هڪ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن انهن کي هٿيارن جي زور تي روڪي ڦر ڪئي. ان دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب هٿياربندن طرفان 2 کان 3 فائر ڪيا ويا. پوليس کي شڪ آهي ته ٻنهي ڀائرن کي هڪ ئي گولي لڳي آهي. جنهن سان ٻئي زخمي ٿيا ۽ علاج دوران فوت ٿي ويا. هٿياربند مقتول ڀائرن کان هڪ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس واقعي جي حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي پر واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.