سنڌ اسيمبلي ٻاهران سياسي پارٽين جو احتجاج، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جي پهرين اجلاس جي موقعي تي سياسي پارٽين جو احتجاج جاري آهي. جڏهن ته عورتن سميت قومي عوامي تحريڪ جي 10 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.


رپورٽ موجب اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کنيو. ان موقعي تي گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس، جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن جو صوبائي اسيمبلي ٻاهران احتجاج جاري آهي.


ڪراچي ۾ پوليس طرفان قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪنهن به شخص کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي. پر پوليس طرفان شاهراهه فيصل سميت مک روڊن تي رنڊڪون بيهارڻ باوجود سياسي پارٽين جا ڪارڪن سنڌ اسيمبلي ٻاهران وڏي انگ ۾ جمع ٿي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون آهن. هينئر تائين عورتن سميت 10 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.


گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس چيو آهي ته احتجاج جي دوران اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ڪراچي پوليس شهر جي مختلف هنڌن تان گرفتار ڪيو آهي. جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم ٻڌايو ته شاهراهه فيصل، سپر هاءِ وي، فائونٽين چوڪ، صدر جي علائقي مان اسان جي پارٽي، جي يو آءِ(ف)، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن پوليس جي قدمن تي نگران صوبائي حڪومت کي تنقيد جو نشانو پڻ بنايو.


سياسي پارٽين جي احتجاج سبب پوليس جي نفري ايف ٽي سي روڊ جي  سامهون موجود آهي. شاهراهه فيصل کي ايف ٽي سي جي سامهون مڪمل بند ڪيو ويو آهي. سموري ٽريفڪ کي ڪالا پل ڀرسان موڙيو پيو وڃي ڊسٽرڪٽ ايسٽ پوليس نرسري تي به ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي. پوليس جي وڏي نفري مين شاهراهه فيصل نرسري تي موجود آهي.


روڊ بلاڪ هجڻ ۽ پوليس جي وڏي نفري موجود هجڻ سبب شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. ان حوالي سان پوليس ٽريفڪ پلان به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران رستن  کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. برنس روڊ کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊ کي به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. صدر کان ايندڙ ٽريفڪ کي به ايم آر ڪياني چوڪ طرف موڙيو ويو.