بيرسٽر گوهر خلاف بيان: پي ٽي آءِ شير افضل مروت کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.


شير افضل مروت گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته بيرسٽر گوهر کي انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ چيئرمين شپ تان ان لاءِ هٽايو ويو آهي ڇو ته ان جي ڪارڪردگي هاڻ بهتر نه رهي آهي.


شير افضل مروت اهو به چيو ته گوهر علي خان کي چيئرمين شپ جي عهدي تان هٽائڻ جي پٺيان ان جي نااهلي ۽ خراب ڪارڪردگي آهي. پارٽي آفيس هلائڻ جي لاءِ هر وقت متحرڪ رهڻو پوندو آهي پر ائين نه ٿي سگهيو.


پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته  3 مهينن جو وقت بيرسٽر گوهر کي مليو پر اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. ڪارڪنن کي احتجاج سميت ٻيون اميدون هيون جنهن ۾ بيرسٽر گوهر ناڪام ٿي ويو آهي.


اهڙي بيان ڏيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي بيان ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي 2 ڏينهن ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته تسلي بخش جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ پارٽي پاليسي موجب ايڪشن  کنيو ويندو.