سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ چونڊ جو عمل سڀاڻي کان شروع ٿيندو.


سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني صوبائي اسيمبلي جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.


آغا سراج دراني ٻڌايو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ جمع ڪيا ويندا ۽ شام 6 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني ٿيندي. جنهن کان پوءِ شام 7 وڳي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري جي فهرست جاري ڪئي ويندي.


جاري شيڊول موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 11 وڳي ٿيندو جنهن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي.


ذريعن موجب پيپلز پارٽي جا اڳواڻ چاهين ٿا ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بنا مقابلي ٿئي پر ايم ڪيو ايم پاڪستان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ پنهنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.


پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته اسپيڪر لاءِ اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نويد انتهوني بنا مقابلي چونڊجي اچن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ڳالهين جي ذميواري ڏني آهي.