حلف کڻنداسين، ماڻهو احتجاج ڪندا رهندا: مراد علي شاهه

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو اڄ صوبائي اسيمبلي جو حلف کڻندا ۽ ماڻهو احتجاج ڪندا رهندا.


سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته کين ڪيتريون سيٽون ملنديون، اسان کي اميد کان وڌيڪ سيٽون مليون آهن.


سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن ۽ هو گڏجي انهن کي حل ڪندا، اڄ اسان حلف کڻنداسين ماڻهو احتجاج ڪندا رهندا.