ملڪ سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) ملڪ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.


آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سون 2 لک 15 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.


اهڙي ريت ڏهه گرام سون 858 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 84 هزار 414 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.


عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 16 ڊالرز واڌ کانپوءِ 2 هزار 56 ڊالرز آهي.