نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن لاءِ ڏيڍ ارب روپيه بجيٽ جي سفارش

news-details

اسلام آباد: (آچر: 25 فيبروري 2024ع) 16هين قومي اسيمبلي جي استقبال جون تياريون مڪمل آهن، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ ٻين مراعتن لاءِ ڏيڍ ارب روپين جي مالياتي بجيٽ جي سفارش تيار ڪئي وئي آهي.


اسيمبلي ميمبرن کي مراعتن جي مد ۾ 25 بزنس ڪلاس ايئر ٽڪيٽ، 3 لک ماليت جا ٽرولنگ وائوچر فيملي سميت بليو پاسپورٽ جي سهوليت  ملي سگهندي.


اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن تي ساليانو 41 ڪروڙ 11 لک، ٻين الائونسز لاءِ 13 ڪروڙ، ريگولر الائونس لاءِ 9 ڪروڙ 60 لک، ٻين الائونسز لاءِ 3 ڪروڙ 40 لک روپيه مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ميمبرن جي ٽريولنگ ۽ ٽرانسپورٽيشن لاءِ 89 ڪروڙ 5 لک روپيه مقرر ڪيا.


ٻئي طرف نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي 1 لک 50 هزار ماهوار بنيادي پگهار، 39 هزار اضافي الائونسز جي مد ۾ ملندا. اسيمبلي ميمبرن کي ٽيليفون جي مد ۾ 10 هزار، آفيس الائونس ۾ 8 هزار روپيه ملندا، جڏهن ته ايڊهاڪ ريليف جي مد ۾ 15 هزار، اضافي الائونس جي مد ۾ 5 هزار ملندا.


اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت جي صورت ۾ ڊيلي ۽ ڪنوينس الائونس حاصل ڪرڻ جا مجاز هوندا. اسيمبلي ميمبر 4 هزار 800 روپيه اسپيشل، 2 هزار 800 عام الائونس جڏهن ته 2000 هزار روپيه روزاني ڪنوينس الائونس جي مد ۾ حاصل ڪري سگهندا.


اسيمبلي ميمبر کي ملڪ جي اندر سفر تي بزنس ڪلاس، پرڏيهي ملڪ جي دوري تي فرسٽ ڪلاس ۾ مفت سفر جي سهوليت ميسر هوندي. ڊيوٽي دوران اسيمبلي ميمبر روزاني 2 هزار روپيه گهريلو الائونس حاصل ڪرڻ جا به حقدار هوندا.


اسيمبلي ميمبرن کي ساليانو 3 لک روپين جا ٽريول وائوچرز، 2 بزنس ڪلاس مفت ريٽرن ٽڪيٽ به ڏنا ويندا. هر اسيمبلي ميمبر ۽ ان جا گهر ڀاتي سرڪاري پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ جا مجاز هوندا. اسيمبلي ميمبرن ۽ سندس گهر ڀاتين کي بليو پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو.


قائمه ڪميٽي جو چيئرمين بنجڻ تي 25 هزار روپيه اعزازي ڏنا ويندا. چيئرمين ڪميٽي بنجڻ تي ميمبر کي پرائيويٽ سيڪريٽري، اسٽينو، نائب قاصد ۽ ڊرائيور به ڏنو ويندو. اسيمبلي ميمبر کي بطور چيئرمين ڪميٽي 1300 سي سي گاڏي سان گڏ 600 ليٽر پيٽرول هر مهيني ڏنو ويندو.